67

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي، تياريون مڪمل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي لاءِ پولنگ ۾ باقي هڪ ڏينهن بچيو آهي، اليڪشن ڪميشن پولنگ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ سڀاڻي پولنگ جا انتظام مڪمل  ڪيا ويا، پولنگ جو سامان ۽ اليڪشن عملو پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته  19 سئو 85 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ 682 پولنگ اسٽينسز حساس قرار ڏنيون ويون آهن. 14 ضلعن ۾ 92 هزار 90 پولنگ اسٽيشنز قائم ٿيل آهن، جڏهن ته اڄ شام تائين پولنگ جو سامان پهچائڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں