64

دعا زهرا ڪيس: وڌيڪ جاچ ۽ ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت سيڪريٽري صحت کي ميڊيڪل بورڊ ٺاهي دعا زهرا جي عمر ڄاڻڻ ۽ ڪيس جي وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهرا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت چيو ته ظهير پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڇوڪري مون وٽ آئي.

ان تي وڪيل جو چوڻ هو ته ظهير پنهنجي بيان ۾ چيو ٽن سالن سان دعا رابطي ۾ هئي.

عدالت چيو ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ ۽ ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ جو حڪم ڏيون ٿا، عمر ڄاڻڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ سيڪريٽري صحت کي لکنداسين، سيڪريٽري صحت ميڊيڪل بورڊ بابت عدالت کي به اگاهه ڪري، ٻارڙي کي هتي وٺي اچو يا اتي ميڊيڪل ڪرايو اهو پراسيڪيوشن جو مسئلو آهي.

جاچ آفيسر چيو ته اسان قانون موجب ڪم ڪيو آهي، ان تي عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته سي ڪلاس جي ڳالهه نه پيا ڪريون، رڳو عمر جي پتي لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ ٺاهي رهيا آهيون.

وڪيل جو چوڻ هو ته لاهور ۾ ميجسٽريٽ وٽ دعا زهرا جي پيءُ ۽ سئوٽ خلاف جعلي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن  چيو ويو ته پيءُ ۽ سئوٽ دعا زهرا ۽ سندس مڙس کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو، دعا لاهور ۾ جوڊيشل مئجستريٽ سامهون پيءُ ۽ سئوٽ بابت ڪجهه نه چيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به پيءُ ۽ سئوٽ بابت دعا ڪجهه نه چيو، پوليس جي نگراني ۾ دعا کي لاهور مان آڻي بيان رڪارڊ ڪرايو ويو، ان ڏس ۾ آزاداڻي طور تي بيان ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

وڪيل چيو ته عمر جي تعين بابت اعليٰ عدليه جا فيصلا موجود آهن، 16 ورهين جو ٻار جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان به ڪنهن سان وڃي ٿو ته اهو اغوا تصور ٿيندو، نادرا رڪارڊ موجب جڏهن دعا زهرا وئي ته ان جي عمر 13 سال 11 مهينا ۽ ڪجهه ڏينهن هئي.

فاضل جج چيو ته منهنجي سمجهه موجب سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو آهي.

تنهن بعد عدالت سيڪريٽري صحت کي ميڊيڪل بورڊ ٺاهي دعا زهرا جي عمر جي تعين ۽ ڪيس جي وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں