59

سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پهرين مرحلي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، 5331 سيٽن تي 21298 اميدوار مد مقابل آهن، اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ صبح 9 بجي کان 5 بجي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي، مختلف ڪيٽيگرين جي 5331 سيٽن تي 21298 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته 946 سيٽن تي اميدوار پهريان ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، 14 ضلعن ۾ ووٽرن جو ڪل تعداد هڪ ڪروڙ 14 لک 92 هزار 680 آهي، جن لاءِ 2 ڪروڙ 95 لک بيلٽ پيپر ڇپايا ويا آهن، 14 ضلعن ۾ 9290 هزار پولنگ اسٽيشنز ۽ 29970 پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن طرفان 1985 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 3448 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، مڪاني چونڊن لاءِ هڪ لک 2 هزار 682 ماڻهن تي ٻڌل چونڊ عملو خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، سکر، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي جن 14 ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي ان ۾ جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، خيرپور، شڪارپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر شامل آهن. انگن اکرن موجب 887 يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي گڏيل 887 سيٽن مان 135 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح هاڻي 752 سيٽن تي 3190 اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي، ضلعي ڪائونسل جي 794 سيٽن مان 107 تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ۽ 687 سيٽن لاءِ 2604 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، يونين ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسل جي وارڊز ڪائونسلرن جي 3548 سيٽن مان 622 تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب، جڏهن ته 2926 سيٽن لاءِ 9744 اميدوارن ۾ مقابلو آهي. ٽائون ڪميٽين جي وارڊ ڪائونسلرن جي 694 سيٽن مان 68 تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن ۽ 626 تي 3325 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، ميونسپل ڪميٽين جي وارڊز ڪائونسلرن جي 354 سيٽن مان 14 تي اميدوار بنا مقابلي کٽي چڪا آهن، جڏهن ته 340 تي 2435 اميدوار هڪ ٻئي جي مد مقابل آهن، ٻئي طرف اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز ڪوئيڪ ريسپانس لاءِ موجود هوندي، فوج به رابطي ۾ آهي، اليڪشن شفاف بڻائڻ لاءِ ڪيمرائون لڳايون آهن ۽ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں