64

سنڌ ۾ مڪاني چونڊون، ڪيترن ئي ضلعن ۾ جهيڙا، فائرنگ، 37 ماڻهو مرڻينگ

ڪراچي (رپورٽرز) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران ڪيترن ئي ضلعن ۾ جهيڙن جا واقعا پيش آيا آهن، جن ۾ 37 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڏنڊا لڳڻ سبب 30 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، ڪيترين ئي گاڏين کي پڻ نقصان پهچايو ويو آهي، نوشهروفيروز جي علائقي ڀرياسٽي ۾ بيلٽ پيپر تي اميدوار جي اسٽيمپ لڳائڻ تي جهيڙو ٿي پيو، ڪارڪنن هڪ ٻئي تي سخت تشدد ڪيو، پوليس جي اضافي نفري صورتحال سنڀالي ورتي، ٺل جي يوسي 28 تي پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ 3 گاڏين کي پڻ نقصان پهتو، نوابشاهه ۾ بيلٽ پيپرز ۾ تحريڪ لبيڪ جو نشان غائب هجڻ تي ڪارڪن آپي مان ٻاهر نڪري ويا، هنگامي سبب پولنگ روڪڻي پئجي وئي، رينجرز ۽ پوليس پهچي صورتحال کي سنڀالي ورتو، ڪشمور ۾ گڊو جي وارڊ نمبر 10 جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جڏهن ته نوابشاهه ۾ پ پ اميدوار جو نشان مخالف اميدوار کي ڏنو ويو، پ پ اميدوار کي جي ڊي اي جو نشان ڏنو ويو، اهڙي طرح خيرپور ۾ به آزاد اميدوار اچانگ چونڊ نشان تبديل ڪرڻ تي ڪارڪنن سان گڏجي ڊي آر او ۽ پ پ خلاف احتجاج ڪيو.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں