64

مڪاني چونڊون: بيلٽ پيپرز تي غلط اميدوارن جا نالا ڇپجڻ سبب مختلف وارڊز تي اليڪشن ملتوي

ڪراچي (م ڊ) اليڪشن ڪميشن سنڌ جي اڪثر وارڊز ۾ بيلٽ پيپرز تي غلط اميدوارن جا نالا پرنٽ ٿيڻ تي اليڪشن ملتوي ڪري ڇڏي آھي، ترجمان اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ جي بلدياتي چونڊن ۾ ڪجھ وارڊز جي بيلٽ پيپرز تي اميدوارن جا نالا غلط پرنٽ ٿيا، جنھن جي ڪري اڪثر وارڊز ۾ پولنگ ملتوي ڪئي وئي آھي، ترجمان جو چوڻ ھو تھ ان ڪيٽيگري آف سيٽس تي ٻيھر اليڪشن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن نئون شيڊول جاري ڪندو، ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز تي غلط نالا شايع ٿيڻ جي جاچ جو حڪم ڏنو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں