86

ڪنڌڪوٽ جي ٽوڙي بنگلو ۾ پولنگ عملي سوڌو 11 ڄڻا اغوا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ٽوڙي بنگلو ۾ پولنگ عملي سوڌو 11 ڄڻا اغوا، هٿياربند پولنگ اسٽيشن تي حملو ڪري پرزائيڊنگ آفيسر سوڌو 8 ملازم ۽ 3 پولنگ ايجنٽس کي اغوا ڪري ويا،  پولنگ اسٽيشن تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئميراز ٽوڙيون ويون، هٿياربند بيلٽ پيپر، بيلٽ باڪس ۽ اسٽامپ پاڻ سان گڏ کڻي ويا، 10 ملازمن پاڻ کي بچائي ٿاڻي تي پناهه ورتي، صورتحال خراب ٿي وئي آھي، مختلف وڊيوز بھ وائرل ٿي ويون آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں