60

مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلي ۾ رتو ڇاڻ، 2 ڄڻا قتل، ڪيترائي زخمي، 25 ماڻهو اغوا

ڪراچي (رپورٽرز) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي دوران رتوڇاڻ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، پولنگ عملي ۽ اميدوار سميت 25 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن.ٽنڊو آدم ۾ فائرنگ دوران پي ٽي آءِ اميدوار ظفر گنڊاپور جو ڀاءُ قيصر خان گنڊاپور مارجي ويو، ظفر گنڊاپور زخمي ٿي پيو، جنهن بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي،روهڙي ۾ به پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ ۾ عبدالقادر جاگيراڻي نالي همراهه مارجي ويو، 3 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته فائرنگ واقعي بعد اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي.ڪنڌڪوٽ جي ٽوڙي بنگلي ۽ سرفراز سندراڻي پولنگ اسٽيشنز تان پرزائيڊنگ آفيسر سميت 21 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن.ٺل مان پرزائيڊنگ آفيسر پولنگ جي سامان سوڌو مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪريم بخش کوسو مان آزاد اميدوار ۽ پرزائيڊنگ آفيسر اغوا ٿي ويا آهن.تنگواڻي ۾ جي يو آءِ پاران جهيڙي بعد مخالفن تي پولنگ ايجنٽ سوڌو ٻن ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں