79

لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جو جي ڊي اي کي جاٺو لڳي ويو، اڪثر هنڌن تي جيالا ڪامياب

لاڙڪاڻو (رپورٽر) غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب لاڙڪاڻي ۾ اڪثر يونين ڪاميٽيز تي پ پ کي سرسي حاصل ٿي وئي آهي

حيدري ٽائون جي يوسي 3تي پ پ جي شفيق چانڊيو 4وارڊن تي جي ڊي اي جي رافع علي عباسي کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ويو آهي

امپائر ٽائون يوسي 5 تي پ پ جو ماجد علي اڪثريت سان چيئرمين چونڊجي ويو، مخالف عوامي اتحاد جو خالد حسين ھارائي ويو آهي

سچل ٽائون يوسي ھڪ تي پ پ جو چنگيز ابڙو چيئرمين چونڊجي ويو، عوامي اتحاد جو زبير تنيو ھارائي ويو

حيدري ٽائون جي يوسي ون تي پ پ جي انور لهر عوامي اتحاد جي مجاهد ڪنڀر کي شڪست ڏني آهي

دڙي ٽائون جي يوسي 2 تي پ پ جو امين شيخ ۽ شاھ رخ سيال ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته آزاد اميدوار رئوف شيخ کي شڪست ٿي آهي

حيدري ٽائون جي يوسي 2 تي پ پ جي اميدوار منير سومرو کي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته آزاد اميدوار جاويد علي جا ووٽ گهٽ آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں