79

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو، پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو

ڪراچي (رپورٽرز) سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پهرين مرحلي جي مڪاني چونڊن ۾ هن وقت تائين غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي واضح برتري سان ميدان ماري ورتو، پولنگ جو وقت صبح 8 بجي کان شام 5 بجي تائين جاري رهيو، ڪجهه تڪن ۾ ووٽنگ جو عمل معطل ٿيڻ سبب اليڪشن ڪميشن پولنگ جو وقت 7 بجي تائين وڌايو هو، سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پهرين مرحلي جي اليڪشن لاءِ پولنگ ٿي، 5331 سيٽن تي 21298 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو، جڏهن ته 946 سيٽن تي اميدوار پهريان ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، سکر، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي جن 14 ضلعن ۾ پولنگ ٿي انهن ۾ جيڪب آباد، قمبر، شهدادڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، خيرپور، شڪارپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر شامل آهن. هن وقت تائين غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 14 ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽن ۾ 7 ضلعين ۾ پيپلز پارٽي واضح اڪثريت سان اڳتي آهي، پ پ مجموعي 2189 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته جي يو آءِ 64 ۽ جي ڊي اي 43 سيٽون حاصل ڪيون، پي ٽي آءِ جا صرف 13 اميدوار ڪامياب ٿيا، اهڙي طرح ن ليگ 3 ۽ آزاد اميدوار 37 سيٽن تي سوڀارا ٿيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں