62

رات جي اونداهي ۾ سنڌ حڪومت جي 1713 ارب رپين جي بجيٽ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي گذريل رات ايندڙ مالي سال جي 1713 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه صبح 11 وڳي کان شروع ٿي رهيو هو، جنهن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ 4 ڪلاڪ 50 منٽن تائين تقرير ڪئي ۽ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه حليم عادل شيخ تي تنقيد ڪندي چيو ته سندس تقرير مادي گهٽ ۽ ذهني وڌيڪ هئي. تاريخ جي تبديلي سبب سومر جي صبح 11 وڳي شروع ٿيندڙ اجلاس 11 لڳي 55 منٽن تي ملتوي ڪري 12 وڳي ٻيهر شروع ڪيو ويو.تاريخ جي تبديلي کانپوءِ اجلاس ۾ ٻيهر قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي وئي ۽ پوءِ صرف 15 منٽن ۾ ايندڙ مالي سال جي 1713 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي.ميمبرن جي غير حاضري سبب اپوزيشن ميمبرن جي کٽڻ جي تحريڪ رد ڪئي وئي.بجيٽ جي منظوري کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن 2.30 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں