70

ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف 20 ڪلاڪن کان احتجاج جاري، روڊ بلاڪ، گاڏين جون قطارون

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام جو روڊن تي نڪري آيو، ماڙي پور روڊ تي 20 ڪلاڪ ڊگهي احتجاج سبب روڊ ٽي ٽريفڪ بند ٿي وئي، آءِ سي آءِ پل، جناح برج، نيٽي جيٽي تي گاڏيون جون قطارون لڳي ويون، ڪراچي ۾ گرميءَ جي شدت ۾ اضافي سان گڏوگڏ ئي هوا ۾ نمي جو تناسب به 65 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين جو صبر ختم ٿي ويو، ماڙي پور روڊ، آءِ سي آءِ پل، ايم ٽي خان روڊ ۽ نشتر روڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج سبب روڊن رستن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي، مظاهرين هٿن ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي شڪايتون ڪرڻ باوجود لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ناهي ٿي، هواڏنهن ماڙي پور روڊ تي احتجاج ڪندڙ ماڻهن سان پوليس ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي وئي، پوليس مظاهرين کي شاهراهه کولڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي، عوام جو موقف آهي ته ڪي اليڪٽرڪ اختيارين يا وڏي وزير سان ڳالهين تائين احتجاج ختم نه ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں