68

ڪراچي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻي دوران شهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون، عورت مارجي وئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي جي بندش خلاف ڌرڻي دوران پوليس ۽ شهرين ۾ چڪريون ٿيون  آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي،ماڙيپور روڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس جي روڊ کولرائڻ لاءِ شهرين تي لٺبازي، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪري رهي آهي، مڇريل ماڻهن جي پٿراءُ ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد لياري واسين عورتن ۽ ٻارن سوڌو ماڙيپور روڊ تي ٻيهر ڌرڻو هنيو، بجلي جي فراهمي کان اڳ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو،  ڌرڻي سبب ڪياماڙي، نيٽي جيٽي پُل، ايم ٽي خان روڊ ۽ آءِ سي آءِ پُل تي ٽرئفڪ جام آهي، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن، پوليس ۽ شهرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ بعد رينجرز به پهتل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں