76

سنڌ ۾ طوفاني برساتن جو امڪان، پي ڊي ايم اي پاران لاڳاپيل ادارن کي ايڊوائزري جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) پاران جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽي ۾ پهرين کان 5 جولاءِ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي.رپورٽن مطابق ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 3 کان 5 جولاءِ تائين طوفاني برساتن سبب شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.پي ڊي ايم اي سنڌ لاڳاپيل ادارن کي ايڊوائيزري جاري ڪندي چيو آهي ته انتظاميه شهري ٻوڏ ۽ ٻين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي.پي ڊي ايم اي چيو ته پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينن ۽ عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، ضرورتمندن جي مدد لاءِ ايمرجنسي هيلپ لائن قائم ڪئي وڃي، اسپتالن ۾ بجلي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي لاءِ جنريٽر ۽ ٻيا انتظام ڪيا وڃن.پي ڊي ايم اي مهاڻن کي 3 کان 5 جولاءِ تائين سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں