60

ڪراچي ۾ بجلي جو شارٽ فال 500 ميگاواٽ ٿي ويو آهي: ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گرم موسم سبب بجلي جو شارٽ فال 250 ميگاواٽ مان وڌي 400 کان 500 ميگاواٽ ٿي ويو. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سراسري بجلي جي فراهمي 2700 ميگاواٽ آهي، جنهن ۾ نيشنل گرڊ مان هڪ هزار ميگاواٽ جي اوسط شامل آهي.ترجمان جو چوڻ هو ته گرمي ۾ واڌ سبب بجلي جي طلب ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته اها سموري صورتحال ملڪ ۾ بجلي جي بحران سان جڙيل آهي، جنهن جو وڏو سبب تيل جي کوٽ ۽ عالمي تيل جي قيمتن ۾ تيز اضافو پڻ آهي. ترجمان ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هن وقت بجلي جو شارٽ فال 250 ميگاواٽ کان وڌي 400 کان 500 ميگاواٽ ٿي ويو آهي، جنهن سبب رات جي وقت لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، قدرتي گئس جي فراهمي نه ٿيڻ سبب 2 پاور پلانٽس بند آهن. هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ ڪٿي به غير اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ويب سائيٽ تي لوڊشيڊنگ جو شيڊول موجود آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں