70

سنڌ سرڪار فائر برگيڊ کي ريسڪيو 1122 سان ڳنڍي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ فائر برگيڊ سروس کي ريسڪيو 1122 سان ڳنڍيو ويو آهي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ان حوالي سان ٻڌايو ته شهري هڪ ئي فون ڪال تي بچاءُ جون سموريون سهولتون حاصل ڪري سگهندا.هن چيو ته هاڻي فائر برگيڊ کي ايمبولينس سروس سان گڏ 1122 تي فون ڪري سگهجي ٿو.ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته اها سهولت تجرباتي بنيادن تي شروع ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن تجربو ڪامياب ٿيو ته اها سهولت مستقل ڪئي ويندي.مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته اڄ کان شهرين کي اها سهولت ملندي.ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر اهو به چيو ته مستقبل ۾ 15 پوليس اسسٽنٽ کي سروس ۾ شامل ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں