63

سنڌ ۾ بجليءَ جي ڊگهي بريڪ ڊائون عوام جون وايون بتال ڪري ڇڏيون

ڪراچي (رپورٽرز) سنڌ ۾ احتجاجن باوجود بجلي جي بندش ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار نه گهٽيو، ڪراچي جي صدر، لياري، لانڍي، ڪورنگي، ملير، قائد آباد، ماروي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ 10 کان 15 ڪلاڪ بجلي جي بندش جاري آھي،  ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ شارٽ فال 250 مان وڌي 500 ميگاواٽ ٿي ويو، مجبوري ۾ رات جو لوڊشيڊنگ ڪرڻي پوندي آهي، گئس ۽ ٻارڻ نه ملڻ سبب بجلي جي پيداوار گهٽجي وئي آهي، حيدرآباد ۾ شهرين جو عورتن ۽ ٻارن سوڌو احتجاج، بناجواز لوڊشيڊنگ جي آزار خلاف دانهون، سکر سول اسپتال ۾ ٻن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ سبب مريض پريشانين ۾ وٺجي ويا، دادو ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ شهرين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، ميرپور خاص، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ به بجلي جي بندش سبب عام زندگي متاثر ٿي رھي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں