66

ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ بهاني ڇوڪريءَ جي لڄ لٽيندڙ وحشي گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ڇوڪري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گلستان جوهر بلاڪ 16 اي ۾ ڪارروائي دوران جوابدار اسامه قاضي کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف شارع فيصل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن موجب جوابدار ڇوڪريءَ کي نوڪريءَ جو آسرو ڏئي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ ساڻس زيادتي ڪئي.ايف آءِ آر موجب واقعو هن مهيني جي 16 تاريخ تي پيش آيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں