65

سکر موٽروي تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 15 زخمي

سکر (رپورٽر) سکر موٽروي تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ فلاحي ادارن جي ايمبولنسن حادثي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، موٽروي پوليس ٻڌايو ته حادثو رحيم يار خان کان ڪجهه پهريان موٽروي تي پيش آيو، جڏهن ته مسافر ڪوچ سکر کان ملتان طرف وڃي رهيو هو، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو، جڏهن ته فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں