66

مون سون جون هوائون اڄ سنڌ ۾ داخل ٿينديون، 2 جولاءِ کان برسات جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) مون سون جي پهرين اسپيل دوران ڪراچي ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته مون سون جون هوائون اڄ رات کان سنڌ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي وينديون، جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 2 جولاءِ کان برسات جو امڪان آهي. سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ 3 جولاءِ کان 5 جولاءِ تائين گجگوڙ ۽ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته برسات کان اڳ تيز هوائن يا گجگوڙ جو به امڪان آهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ پهرين اسپيل دوران 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي.چيف ميٽرولوجسٽ چيو ته تيز هوائن سبب شهر جي ڪمزور انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي جڏهن ته تيز هوائن سبب سمنڊ ۾ به پاڻي ڀرجي ويندو، هن مهاڻن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته مون سون جو ٻيو اسپيل ڪراچي ۾ 7 يا 8 جولاءِ کان شروع ٿيندو جيڪو 3 کان 4 ڏينهن تائين جاري رهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں