79

سنڌ حڪومت جو واٽر بورڊ کي هر لحاظ کان بهتر ادارو بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪي 4 ۽ ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي تحت واٽر بورڊ کي هر لحاظ کان بهترين ادارو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي پاڻي بابت اهم اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڪي فور اٽڪل 52 بلين رپين جو منصوبو آهي.جنهن جي روٽ تي ڪينجهر کان جنگشاهي، درسانو ڇنو، گڏاپ تائين سڌي لائين ويندي، اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منصوبي جي ٽائم لائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪانٽريڪٽ ايوارڊ سيپٽمبر ۾ ٿيندو ۽ پائپ لائن وڇائڻ جو ڪم نومبر کان شروع ڪيو ويندو.پائپ لائن جو ڪم نومبر 2023 تائين مڪمل ڪيو ويندو ۽ سڄو ڪم ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو.پراجيڪٽ جي شروعات جنوري 2024 ۾ ٿيندي، سمورو منصوبو 18 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں