83

نائين ڪلاس وارن شاگردن لاءِ خوشخبري، سنڌ جي تعليم کاتي وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي صوبي ۾ پهريون ڀيرو يارهين جماعت ۾ داخلا نائين جماعت جي نتيجن تي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.تعليم واري وزير سردار شاهه نائين درجي جي نتيجي جي بنياد تي سرڪاري ڪاليجن ۾ يارهين جماعت ۾ داخلائن جي منظوري ڏئي ڇڏي پر اها داخلائون عارضي هونديون ۽ ميٽرڪ جو نتيجو اچڻ تي ان جي منظوري ٿي سگهندي.اهو قدم شاگردن جي قيمتي تعليمي سال جا ڪيترائي مهينا بچائڻ لاءِ کنيو ويو آهي.تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب تعليم واري وزير ان سلسلي ۾ تجويز پيش ڪئي هئي ته ڏهين درجي جي نتيجن ۾ دير سبب يارهين جماعت ۾ داخلائون وقت تي نه پيون ٿين، جنهن سبب شاگرد نجي ڪاليجن ۾ داخلا وٺي ٿا ڇڏين ۽ شاگردن جو وڏو انگ ڪوچنگ سينٽرن جو رُخ ڪري ٿو، جڏهن ته ڪيترائي شاگرد داخلائن باوجود سرڪاري ڪاليجن ۾ ڪلاسون ناهن وٺندا.ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي تعليم واري وزير سردار علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ۽ کيس درخواست ڪئي وئي ته پهرين آگسٽ کان تعليمي سرگرميون شروع ٿيڻ سان شاگردن جا انتهائي اهم چار مهينا ضايع ٿيڻ کان بچي ويندا.ڊاڪٽر محمد علي مانجهي شاگردن جي داخلا جي حوالي سان پراڻو مطالبو منظور ڪرڻ تي تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن جا ٿورا مڃيا.ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز چيو ته پهرين آگسٽ کان سڄي سنڌ جي ڪاليجن ۾ تعليمي سرگرميون شروع ٿي وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں