63

ڪراچي ۾ اڄ کان 5 جولاءِ تائين تيز برسات پوڻ جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي ڇنڇر ڏينهن برسات نه ٿيڻ کانپوءِ اڄ کان 5 جولاءِ تائين ڪراچي ۾ کنوڻ سان گڏ تيز برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، موسميات کاتي موجب هوا ۾ نبي جو تناسب وڌيڪ هجڻ جي ڪري گرمي وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي، شهر ۾ سڄو ڏينهن 10 کان 30 ڪلو ميٽر في گهٽني جي رفتار سان سامونڊي هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پڌ 29. 5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته اڄ وڌ کان وڌ گرمي پڌ 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي ارلي وارننگ سينٽر موجب آچر کان داخل ٿيندڙ سسٽم پنج جولاءِ تائين سنڌ ۾ رهندو، جنهن بعد ڪراچي، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، سانگهڙ، بدين، ميرپورخاص، ٺٽو، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، دادو، ڄامشورو ۾ وڏي پيماني تي مينهن پوڻ جو امڪان آهي، سسٽم جي امڪاني اثرن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ۽ دادو جي شهر هيٺائين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو امڪان آهي، جڏهن ته تيز هوائن سان ڪمزور جڳهن ۽ سائن بورڊ توڙي وڻن جي ڪرڻ جو به امڪان آهي.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں