75

دعا زهرا جي عمر 15 سال آهي، سندس مڙس جلد جيل ويندو: جبران ناصر

ڪراچي (رپورٽر) دعا زهرا جي پيءَ جي وڪيل جبران ناصر جو چوڻ آهي ته ايندڙ چويهه ڪلاڪن اندر دعا زهرا جو مڙس ظهير احمد جيل ۾ هوندو .جبران ناصر ڪراچي جي مقامي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دعا زهرا جي نئين ميڊيڪل رپورٽ موجب سندس عمر 15 ورهين جي ويجهو آهي.سندس چوڻ هو ته نئين ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ سنڌ پوليس مان اميد ڪريون ٿا ته سڀاڻي منجهند تائين ظهير احمد پوليس جي پڪڙ ۾ هوندو ، مٿس اغوا جو ڪيس آهي.فريادي جي وڪيل چيو ته اڄ کان ٻه هفتا اڳ پوليس جي اعليٰ اختيارين چيو هو ته هن ڪيس ۾ ڪجهه به ناهي، جڏهن ته ڪيس بند ڪيو ويو هو، اڄ ميڊيڪل رپورٽ مان پتو پيو آهي ته هن ڪيس جي صحيح نموني جاچ ئي نه ڪئي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪيس پوليس ختم ڪيئن ڪري ڇڏيو، هي ڪيس سنڌ پوليس ۽ حڪومت لاءِ چارج شيٽ آهي، هي صاف اغوا ۽ چائلڊ ميرج جو ڪيس آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں