57

ڪراچي ۾ وري ڪڪر وسي پيا، موسم خوشگوار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.موسميات کاتي موجب مون سون اڃا تائين عربي سمنڊ مان سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح جو ئي برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.اسڪيم 33، گلشن اقبال، پي اي سي ايڇ ايس، ڊفينس فيز ون، بهادر ۽ گلستان جوهر ۾ هلڪي برسات پئي، جڏهن ته ڪلفٽن، فيصل اسٽريٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به مينهن جو وسڪارو ٿيو، موسميات کاتي 9 جولاءِ تائين شهر ۾ شام يا رات جي وقت گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں