89

جهمپير لڳ برساتي پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو ڪوئلي جي کاڻ ۾ داخل، 10 پورهيت ڦاسي پيا، ريسڪيو آپريشن شروع

جھمپير (رپورٽر) جهمپير ڀرسان تيز برسات بعد پاڻي جو وڏو وهڪرو ڪوئلي جي کاڻ ۾ داخل ٿيڻ سبب 10 پورهيت ڦاٿل، پورهيتن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڳري مشينري ذريعي کاڻ ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪم جاري آھي،  انتظاميا جو چوڻ آهي ته تيز برسات سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، مائينز ۽ منرل کاتي کي مدد لاءِ سفارش ڪئي اٿئون، توانائي جي وزير امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته کاڻ جي مالڪن کي برسات دوران ڪم نه ڪرائڻ گهرجي ها، امتياز شيخ موجب برسات دوران بند ٽٽو آهي، جنهن جي پاڻي ريلوي ٽريڪ کي متاثر ڪيو ۽ کاڻ ۾ به داخل ٿي ويو، ڪوشش آهي ته کاڻ ۾ ڦاٿل پورهيتن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو وڃي، برسات ۾ مواصلاتي نظام متاثر ٿيڻ سبب مقامي آفيسرز سان رابطو ناهي ٿيو، ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪريون پيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں