76

ناظم جوکيو قتل ڪيس: پوليس جي چالان تي فيصلو ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پوليس پاران پيش ڪيل چالان تي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته پوليس چالان قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو 16 جولاءِ تي ڪيو ويندو.پوليس چالان ۾ ڄام ڪريم ۽ ڄام اويس سميت 13 جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.پوليس طرفان ڪيس ۾ رڳو ٽن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالتي حڪم تي پوليس ڪيس مان دهشتگردي جي شق ختم ڪري ڇڏي آهي.واضح رهي ته ناظم جوکيو کي نومبر 2021 ۾ ملير جي ميمن گوڙ ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں