147

وزيراعظم سڀاڻي ايم 6 حيدرآباد سکر موٽر وي جو پيڙهه جو پٿر رکندو

وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي حيدرآباد پهچندو ۽ ايم 6 حيدرآباد-سکر موٽر وي جو پيڙهه جو پٿر رکندو.

اين ايڇ اي اختيارين موجب ايم 6 موٽر وي جي سنگ بنياد رکڻ جي تقريب سول ايوي ايشن آڊيٽوريم ۾ ٿيندي.

اختيارين ٻڌايو ته 306 ڪلوميٽر ايم 6 منصوبي لاءِ 307 ارب رپين جو تخمينو لڳايو ويو آهي، هي منصوبو 33 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو.

تقريب کي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ ٽي وارو وفاقي وزير امين الحق به خطاب ڪندا.

اختيارين موجب منصوبي جي تعمير کان اڳ مٽياري نوشهروفيروز ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪيس ۾ درجن کان وڌيڪ آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن سميت پوليس جون ٽيمون موٽر وي ڪرپشن ڪيس جي جاچ ڪري رهيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں