102

سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو اعلان

ڪراچي: سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) چيو آهي ته گهريلو صارفين لاءِ صبح 6 وڳي کان صبح 9 وڳي، منجهند 12 وڳي کان 2 وڳي ۽ شام 6 وڳي کان رات 9 وڳي تائين سوئي گئس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قدرتي گئس استعمال ڪرڻ وارن لاءِ بري خبر اچي وئي، ايس ايس جي سي بدترين لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سوئي سدرن گئس ڪمپني جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ رڳو اٺ ڪلاڪ گئس دستياب هوندي.

ايس ايس جي سي موجب صبح 6 کان 9، منجهند 12 کان 2 ۽ رات 6 کان 9 وڳي تائين گئس ملي سگهندي.

ڪمپني ٻڌايو ته ايس ايس جي سي 350 کان 400 ايم ايم سي ايف ڊي گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں