81

سنڌ هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي کي وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي کي وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

اعظم سواتي جي پٽ عثمان سواتي پنهنجي والد جي گرفتاري خلاف سنڌ ۾ نئين درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ فوري ٻڌڻي جي درخواست ڪئي وئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ عثمان سواتي جي درخواست تي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست منظور ڪري ورتي.

درخواست تي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ عدالت اعظم سواتي کي وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت آءِ جي سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي عثمان سواتي کي ٻنهي درخواستن کي ضم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ گرفتار آهي، جنهن کي گذريل هفتي سنڌ پوليس گرفتار ڪري بلوچستان مان سکر منتقل ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں