142

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري اسڪولن جا ڪتاب وڪرو ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪولن جي زبون حالي بابت درخواست تي گهوٽڪي ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا سرڪاري ڪتاب ڪٻاڙي جي دڪان ۾ وڪرو ٿيڻ تي نوٽيس وٺندي چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل سنگل بينچ جي آڏو اسڪولن جي زبون حالي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ عبدالوهاب پنهنجي موقف ۾ چيو ته ڏهرڪي ۾ ڪاليج جي تعمير جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن پر اڃان تائين هڪ به سر ناهي لڳائي وئي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي ڪاليج جي زمين تان حددخلين جو خاتمو ڪرائي پنهنجي سربراهي ۾ تعميراتي ڪم ڪرائي. جسٽس صلاح الدين پنهور هدايت ڏني ته ڊي ايس آر رينجرز قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ مڪمل فورس فراهم ڪري.
ٻڌڻي دوران گهوٽڪي ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا سرڪاري ڪتاب ڪٻاڙي جي دڪان ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن جو جسٽس صلاح الدين پنهور نوٽيس وٺي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ديانتدار آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي. ڪميٽي ڪتابن جي ڪٻاڙ جي دڪان ۾ وڪرو جي جاچ ڪري.
سنڌ هاءِ ڪورٽ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي ڪتابن جي فراهمي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي طلب ڪندي چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں