112

خانپور مهر ۾ اٽو مهانگو ملڻ خلاف پورهيتن ۽ رهواسين جو احتجاج

خانپور مهر: خانپور مهر ۾ اٽو مهانگو ملڻ خلاف پورهيتن ۽ رهواسين جو گڏيل احتجاج جڏهن ته خانپورمهر ۾ قائم راجا فلورمل انتظاميه پاران سرڪاري اگهه مطابق اٽو نه ڏيڻ تي پورهيتن ۽ غريب طبقي جي ماڻهن نبي بخش گڏاڻي، الهوسايو گڏاڻي ،نياز محمد، حاجي علي حسن ميراڻي، نياز علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فلور مل جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين چيو ته سرڪاري اعلان موجب فلور مل انتظاميه کي سستو اٽو روزانو جي بنياد تي وڪرو ڪرڻو آهي, پر اسين روزانو اٽو وٺڻ لاء فلور مل جا چڪر ڪاٽيون پيا فلورمل انتظاميه پاران اسان کي اٽو نه پيو ڏنو وڃي, شڪايتن باوجود اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ توڙي مختيار ڪار خانڳڙه به خاموش تماشائي بڻيل آهن. مظاهرين ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور فلور مل انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪري مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقي کي سستو اٽو فراهم ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں