89

وڳڻ لڳ ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر 2 ڄڻا فوت

وڳڻ لڳ وڪا موري وٽ روڊ حادثي سبب ٻه ڄڻا سخت زخمي علاج دوران فوت, تيز رفتار ويگن ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڊرائيور فرار ٿي ويو.
خبر موجب وڳڻ لڳ نصيرآباد روڊ تي تيز رفتار ويگن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ بگي ٻنڊي جو رهواسي 40 سالن جو شمس الدين چنو ۽ سندس 65 سالن جي پيرسن امڙ نواب خاتون زال محمد بخش چنو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڳوٺاڻن وڳڻ رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو شديد زخمي ھجڻ سبب کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، جتي علاج دوران زخمن جا سور نـ سھندي فوت تي ويا. جڏهن تـ فوتي نوجوان پنهنجي امڙ سان موٽرسائيڪل تي اچي رھيو ھيو تـ اچانڪ ويگن جو ٽڪر لڳو ۽ حادثو پيش آيو،جنهن سبب فوت ٿي ويا آهن، ضروري ڪاروائين بعد فوتين جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا آھن. اطلاع تي وڳڻ پوليس پھچي واقعي جي معلومات ورتي ۽ بيٺل وين پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي جڏهن تـ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں