123

لاڙڪاڻو شيخ زيد وومين اسپتال انتظاميه جي لاپرواهي معصوم ٻار عورت جي پيٽ ۾ فوت ماءُ جي حالت ڳڻتي جوڳي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو شيخ زيد وومين اسپتال انتظاميه جي لاپرواهي معصوم ٻار عورت جي پيٽ ۾ فوت ماءُ جي حالت ڳڻتي جوڳي .
جڏهن ته لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران مبينا طور 2 ڏينهن اڳ ڊليوري لاءِ داخل ڪرايل ٺل جي ڳوٺ مبارڪ پور واسڻ عورت الهه بچائي زال ارباب علي مهر کي بيماري جو جواز ڄاڻائي آپريشن کان انڪار ڪندي کيس چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرائڻ جو مشورو ڏنو جتي ڳورهاري عورت جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار فوت ٿيڻ جي تصديق کان پوءِ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.
ان حوالي سان عورت جي وارثن ٻڌايو ته اسان ٻه ڏينهن اڳ الهه بچائي کي شيخ زيد وومين اسپتال ڊليوري لاءِ داخل ڪرايو هو. هنن الزام لڳايو ته اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين ڪارو ڪامڻ جو جواز ڄاڻائي آپريشن نه ڪيو جنهن ڪري پيٽ ۾ ٻارڙي فوت ٿي وئي جنهن کان پوءِ اسان جي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي جنهن جي حالت جا ذميوار شيخ زيد وومين اسپتال وارا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد عورت جو آپريشن ڪري ٻار نيڪال ڪري سندس زندگي بچائي شيخ زيد اسپتال جي انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں