80

ايم ڪيو ايم مڪاني قانون ۾ ترميمن لاءِ پيپلز پارٽي کي تجويزون ڏئي ڇڏيون

ڪراچي (رپورٽر) متحده پاڪستان بلدياتي قانون ۾ ترميم لاءِ پيپلز پارٽي کي تجويزون ڏئي ڇڏيون آھن، ايڪٽ ۾ قانونسازي ۽ معاهدي تي مڪمل عمل کان اڳ سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو ويو. بهادر آباد ۾ پ پ وفد سان ملاقات بعد ڪنور نويد جميل ۽ خواجه اظهار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت قانون ۾ ترميم بعد بلدياتي چونڊون ٿيڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ چونڊون شڪي بڻجي وينديون، پ پ سان معاهدي تي مڪمل عمل بعد سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بابت فيصلو ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں