55

نواز ليگ سان اتحاد: ثابت ٿي ويو ايم ڪيو ايم ڪراچي جي سياست جو مئل گهوڙو آهي: سعيد غني

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته(ن) ليگ سان اتحاد کان پوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي سياست جو مئل گهوڙو آهي.

پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه اڪيلي چونڊ وڙهڻ جي دعويدار هئي، ايم ڪيو ايم ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته انهن ۾ هاڻ چونڊ وڙهڻ جي طاقت نه رهي آهي. هاڻ ڪنهن به قسم جي ڪابه امداد ايم ڪيو ايم کي سهارو نٿي ڏئي سگهي.

سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ايم ايل اين وچ ۾ غير فطري اتحاد جو امڪان هو، اسان ان اتحاد جو ڄمي مقابلو ڪنداسين اهو اتحاد ثابت ڪري ٿو ته اهي پارٽيون پيپلز پارٽي جو اڪيلو مقابلو ڪرڻ جي طاقت نٿيون رکن.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هن وقت پيپلز پارٽي ڪراچي جي سڀني کان وڏي پارٽي آهي ۽ انشاءَالله عام چونڊن ۾ به وڏي پارٽي رهندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں