58

وڊيو ليڪ ٿيڻ کان پوءِ ٽڪ ٽاڪر عليزه سحر شادي ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ يو ٽيوب وي لاگر عليزه سحر غير اخلاقي وڊيو ليڪ ٿيڻ کان پوءِ شادي  ڪري ڇڏي آهي.

گذريل مهيني ٽڪ ٽاڪر عليزه سحر جي هڪ نازيبا وڊيو ليڪ ٿي هئي جنهن ۾ هو هڪ شخص سان وڊيو ڪال تي ڳالهيون ڪري رهي هئي. مذڪوره ليڪ وڊيو ڪال ۾ عليزه سحر ان شخص جي نامناسب فرمائش پوري ڪندي نظر آئي. جنهن کان پوءِ وڊيو ڪال تي موجود شخص عليزه سحر جي وڊيو ليڪ ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ هو سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽريڊ رهي ۽ صارفين طرفان چيو ويو ته عليزه سحر شهرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي وڊيو پاڻ ئي ليڪ ڪئي آهي.

سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد کان پوءِ عليزه سحر جو بيان آيو جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي وڊيو قطر ۾ رهندڙ هڪ شخص ليڪ ڪئي آهي ان شخص جو تعلق پنجاب جي شهر اوڪاڙه سان آهي پر اهو هن وقت قطر ۾ رهائش پذير آهي. هاڻ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي عليزه سحر جي شادي جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي عليزه سحر دل محمد ڪمهار نالي شخص سان شادي ڪئي آهي.

وائرل ٿيل وڊيوز ۾ عليزه سحر کي پنهنجي مڙس سان گڏ شادي هال ۾ انٽري ڏيندي ڏسي سگهجي  جڏهن ته سوشل ميڊيا تي اهي خبرون به سامهون اچي رهيون آهن ته عليزه سحر شادي کان اڳ دل محمد ڪمهار جي سامهون ڪجهه شرطون رکيون جنهن جي مڃڻ کان پوءِ ئي ان جي شادي ٿي.

سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب عليزه سحر طرفان رکيل پهرين شرط اها هئي ته طلاق ڏيڻ تي مڙس کي 2 ڪروڙ روپيه ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو. عليزه پنهنجي والدين سان گڏ رهندي ۽ وي لاگنگ ڪندي رهندي ۽ پنهنجي ڪمائي صرف والدين کي ڏيندي.

ٻئي طرف عليزه سحر جي وڊيو ليڪ ڪرائيندڙ جي خلاف سندس مڙس قانوني ڪارروائي ڪرائڻ جو به واعدو ڪيو آهي. ياد رهي ته عليزه سحر جو شمار پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ وي لاگرز ۾ ٿيندو آهي هو پنهنجي وڊيوز ۾ ڳوٺ جي ديسي ماحول کي ڏيکاريندي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں