50

لاهور ۾ خوفناڪ روڊ حادثو: هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا اجل جو شڪار

لاهور: لاهور ۾ 14 ورهين جي ڇوڪري جي ڊرائيونگ پوري خاندان کي موت جي منهن ۾ وجهي ڇڏيو. ٻئي ڪار ۾ ويٺل 2 ٻارن سميت هڪ ئي خنادان جا 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

واقعو ڊي ايڇ اي فيز 7 ۾ رات دير سان پيش آيو. رفاقت علي نالي شخص پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ ڌيءَ جي ساهورن ۾ وڃي رهيو هو ته تيز رفتار ڪار سندس گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب رفاقت جي گهر واري رخسانه، پٽ حسنين، ننهن عائشه، ناٺي، پوٽي انابيه ۽ 4 مهينن جو پوٽو به فوت ٿي ويا.

پوليس ننڍي عمر جي ڊرائيور افنان کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته فوت ٿيلن جي وارثن ڇوڪري کي گاڏي مان ڪڍي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻارڙي اهو به مڃيو آهي ته گاڏي کي هن ٽڪر هنيو آهي پر ڪنهن اڻڄاڻ ماڻهو جو فون اچڻ کان پوءِ هو پنهنجي بيان تان ڦري ويو.

پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي واري هنڌان گاڏي کي هٽايو ويو آهي. شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں