57

نوازشريف جو بلوچستان جو دورو: اهم سياسي شخصيتن جي(ن) ليگ ۾ شموليت جو امڪان

لاهور: مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشرف اڱاري تي بلوچستان جي دوري لاءِ ڪوئٽه پهچندو.

(ن) ليگ ذريعن موجب نوازشريف اڱاري تي بلوچستان جي دوري تي ڪوٽئه ويندو. نوازشريف دوري دوران بلوچستان ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز به نوازشريف سان گڏ بلوچستان ويندا. نوازشريف سان ملاقات کان پوءِ بلوچستان جا اهم سياسي اڳواڻ(ن) ليگ ۾ شامل ٿيندا.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف سان بلوچ اڳواڻ نوابزاده مير لشڪري رئيساڻي جي ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ شهباز شريف کيس نوازليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں