64

ڪنڊيارو ڀرسان اغوا ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن مان هڪ کي ڏوهارين شهيد ڪري ڇڏيو

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو  ڀرسان درٻيلو مان ڏوھارين ھٿان مبينا طور اغوا ٿيل ٻن پوليس اھلڪارن مان ھڪ پوليس اھلڪار جابر راجپوت کي ڏوھارين گوليون ھنڻي شھيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ھڪ اھلڪار صدير لاڙڪ زخمي حالت ۾ ھٿ آيو.

ڊي ايس پي حبيب الرحمن’ لاشاري ٻڌايو تـ رات دير سان درٻيلو ڀرسان نامعلوم ھٿياربند مھيسرن جي ڳوٺ مان مينھن چوري ڪري رھيا ھيا تـ ڪيلا موري پوليس پڪٽ تي موجود پوليس اھلڪارن سندن اڳ روڪيو تـ ٻنھي پوليس اھلڪارن کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا جنهن کان پوءِ سھڙا مائينر ڀرسان گوليون ھڻي ھڪ پوليس اھلڪارجابر راجپوت کي گوليون ھنڻي شھيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي آھي.

ڊي ايس پي چيو تـ ڏوھارين کي ھرگز برداش نـ ڪيو ويندو جلد کين گرفتار ڪيو ويندو جڏھن تـ شھيد ٿيل پوليس اھلڪار جي مڙھ کي پوسٽ مارٽم لاء ٺاروشاھ اسپتال پھچايو ويو آھي.

  • شيئر

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں