41

سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو فيصلو غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ زاهدا جاويد اسلم ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو فيصلو غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ زاهدا جاويد اسلم جي معز احمد خلاف درخواست جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي لکت فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس جي زاهدا اسلم ڪيس ۾ ڪارروائي ڪا ڪي قانوني اثر نه هئا، جج ان چيمبر آرٽيڪل 3/184 جي ڪيسن جا فيصلا نٿو ڪري سگهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ٺهڻ کانپوءِ آرٽيڪل 3/184 جي ڪيسن جي فيصلي جو اختيار هاڻ چيف جسٽس وٽ ناهي رهيو.
زاهدا اسلم ڪيس ۾ جسٽس اطهر من الله فيصلي سان گڏ واڌو نوٽ ۾ هيومن رائٽس سيل جا سمورا فيصلا ۽ ڪارروائيون ڪالعدم قرار ڏنيون.
جسٽس اطهر من الله هيومن رائٽس سيل جي ڪنڊڪٽ تي واڌو نوٽ لکندي چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي لکيل فيصلي سان اتفاق ڪيان ٿو پر سپريم ڪورٽ هيومن رائٽس جون سموريون ڪارروائيون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن ٿيون.
واڌو نوٽ ۾ چيو ويو ته هيومن رائٽس سيل ڪنهن قسم جو قانوني نوٽيس جاري نٿو ڪري سگهي، ايڇ آر سيل جو ڪم رڳو شڪايتن يا خطن کي قانوني ڪارروائي لاءِ چيف جسٽس سامهون پيش ڪرڻ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں