55

حيدرآباد: عورت قومپرست اڳواڻ مُرڪ جان پيرزادو جو فليٽ مان لاش هٿ

حيدرآباد: حيدرآباد جي قاسم آباد نسيم نگر واري علائقي ۾ عورت قومپرست اڳواڻ مُرڪ جان جو فليٽ مان لاش هٿ آيو آهي.

رپورٽ موجب نسيم نگر ۾ عورت قومپرست اڳواڻ مُرڪ جان جو فليٽ مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ مرڪ جان جي والد جان محمد قريشي ٻڌايو ته ڌيءَ جي موت بابت رات دير سان اطلاع مليو. مُرڪ جان جي پيءُ موجب پوليس ٻڌايو آهي ته مرڪ جان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي. نياڻي ڇو آپگهات ڪندي. ڌيءَ جي فوتگي واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.

مرڪ جان جي والد ٻڌايو ته 5 وڳي کان نياڻي جو لاش اسپتال ۾ پيل آهي پر ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب اڃان تائين پوٽ مارٽم ناهي ٿيو، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

شروعاتي طور تي رابطو ڪرڻ تي مُرڪ جان جي وارثن ۽ قومپرست اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مُرڪ بهادر ڇوڪري هئي اها خودڪشي نٿي ڪري سگهي، کيس قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مُرڪ جي والد چيو ته منهنجي ڌيءَ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ اڪيلي فليٽ ۾ رهندي هئي. جنهن جو اڄ فليٽ مان لاش هٿ آيو آهي اسان کي خدشو آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي مُرڪ جان جو جنهن فليٽ مان لاش هٿ آيو آهي اتي شيشا ۽ ٻيون به پڻ اهڙيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪجهه چئي سگهجي ٿو. هن وقت مُرڪ جان جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي. وڏي انگ ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ مرڪ جا ويجها مائٽ پڻ سول اسپتال حيدرآباد ۾ پهتل آهن. جڏهن ته مُرڪ جان جو لاش هٿ اچڻ کان پوءِ قومپرست اڳواڻن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں