46

بجلي صارفين کان اربين رپيا واڌو اوڳاڙڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: پاڪستان ۾ واڌو بلنگ جو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي.اڳ ئي مهانگي بجلي جي باوجود واڌو بلن ذريعي اربين رپيا وڌيڪ اوڳاريا ويا آهن.نيپرا ذريعن موجب انڪوائري رپورٽ ۾ آگست جي بلن ۾ اوور بلنگ ثابت ٿي آهي. اربين رپين جي اوور بلنگ ۾ بجلي ورڇ ڪمپنيون ملوث آهن.نيپرا ذريعن موجب ليسڪو ۽ حيسڪو ريجن ۾ سڀ کان وڌيڪ اوور بلنگ ٿي آهي.ڊسڪوز طرفان پروٽيڪٽڊ صارفين کان نان پروٽيڪٽڊ بل اوڳاڙيا ويا ۽ اوور بلنگ لاءِ ريڊنگ ۾ دير جو حربو استعمال ڪيو ويو.ريدنگ ۾ دير ڪري پروٽيڪٽڊ صارفين کي نان پروٽيڪٽڊ ۾ شامل ڪيو ويو.ڊسڪوز طرفان ميٽر تبديلي جي نالي تي واڌو اوڳاڙيون ڪيون ويون.نيپرا ڊسڪوز جي اوور بلنگ بابت رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں