111

شهيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پي ايف يو جي سڏ تي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو

ڪراچي:سکر جي سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پي ايف يو طرفان ڪراچي پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي.

پي ايف يو جي سڏ تي سي ايم هائوس آڏو هنيل ڌرڻي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان پهتل صحافي شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي صحافي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جان محمد مهر جي قتل کي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر قاتل گرفتار نه پيا ڪيا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں