60

سپريم ڪورٽ افغان شهرين جي واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ افغان شهرين جي ملڪ واپسي جي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابت سميت ٻين پرڏيهي شهرين جي ملڪ واپسي کي روڪڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي ان چيمبر اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا.

عدالت افغان شهرين جي ملڪ واپسي خلاف ڪيس کليل عدالت ۾ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته حڪومت ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ جي لاءِ 31 آڪٽوبر تائين ڊيڊ لائن ڏني هئي جنهن کان پوءِ هاڻ غيرقانوني پرڏيهين کي ڪيمپس ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں