66

خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن: 3 دهشتگرد مارجي ويا، ڌماڪي ۾ فوجي جوان شهيد

راولپنڊي: ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 دهشتگرد مارجي ويا.

ٻئي طرف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل ڪارروائي دوران هڪ ٻيو دهشتگرد مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين جي خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ سرگرم رهيا. مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي.

ٻئي پاسي اتر وزيرستان جي علائقي غور يوم ۾ هڪ ديسي بم ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فوجي جوان شهيد ٿي ويو. شهيد ٿيل 26 ورهين جي سپاهي شاهزيب جو تعلق راولپنڊي سان هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں