56

ايم ڪيو ايم جا اهم اڳواڻ پ پ ۾ شامل، ڪراچي تي قبضي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين: سعيد غني

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جا وڌيڪ 3 اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان تعلق رکندڙ خواجه سهيل منصور، منزل قريشي ۽ سيف يار خان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته بدمعاشي ۽ غنڊه گردي قبول نه ڪنداسين، ڪراچي تي قبضي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ شخصيتون اڄ پيپلز پارٽي ۾ آهن. پ پ سياسي سرگرميون تيز ڪيون آهن ته ايم ڪيو ايم جا ساٿي به پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هاڻ ايم ڪيو ايم ماڻهن کي ڊيڄاري رهي آهي جيڪو مناسب نه آهي. سمورن شهرين ۽ سياسي ڪارڪنن کي آزادي حاصل آهي ته هو ڪهڙي پارٽي ۾ شموليت ڪن ٿا.

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيندڙ خواجه سهيل منصور چيو ته ايم ڪيو ايم جي ماڻهن پنهنجن گهرن تي لوٽا لٽڪايا، منهنجي خيال ۾ هي پنهنجو چونڊ نشان به اهوئي رکندا. ايم ڪيو ايم جا ماڻهو بوکهلاهٽ جو شڪار آهن. ڪراچي جي حقيقي پارٽي پيپلز پارٽي آهي. هر شخص پنهنجي دل سان شموليت ڪري رهيو آهي ڪنهن کي به هٿيارن جي زور تي گاڏي ۾ ناهي آندو ويندو.

مزمل قريشي چيو ته اسان سڀني کي اهو حق حاصل آهي ته ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت ڪريون. ايم ڪيو ايم مان وڌيڪ ماڻهو ٻين پارٽين ۾ شامل ٿيندا. ڪراچي جي ماڻهن کي خبر آهي ته انهن کي ڪهڙي طرف وڃڻو آهي.

سيف يار خان چيو ته اسان جي پنهنجي سڃاڻپ آهي. اسان شهري ۽ ڏوراهين علائقن جو فرق ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. ڌمڪي وارين روين جي باري ۾ چوان ٿو جتان کان اوهان پڙهيا آهيو، اسان به اتان کان ئي پڙهيا آهيون.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي وسيم قريشي به ايم ڪيو ايم کان رستا ڌار ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں