66

سائفر ڪيس: جيل ٽرائل خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽراڪورٽ اپيل تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائيل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت تي ٻڌل 2 رڪني ڊويزن بينچ انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل ڏيندي چيو آهي ته جيل ٽرائيل جو طريقيڪار موجود آهي. جج کي جيل ٽرائل لاءِ سببن تي ٻڌل چٽو آرڊر پاس ڪرڻ گهرجي. وفاقي حڪومت ڪابينه مان منظوري ورتي ته ان جي باري ۾ هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪرڻ ضروي آهي.

سلمان اڪرم راجه چيو ته جيل ٽرائل لاءِ منظوري وفاقي ڪابينه کي ڏيڻي هوندي آهي هن ڪيس ۾ 12 نومبر کان اڳ وفاقي ڪابينه جي منظوري موجود ئي نه آهي. جج کي ٽرائيل بابت جوڊيشل آرڊر پاس ڪرڻ گهرجي. جوڊيشل آرڊر ۾ فائنڊنگز به ڏيڻ گهرجي. اڃان تائين اهڙو ڪوبه آرڊر موجود نه آهي. هي انهي ڪيس ۾ سڀني کان وڏو غيرقانوني قدم آهي.

هن چيو ته هاڻ وفاقي ڪابينه ته منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر بنيادي جوڊيشل آرڊر موجود ئي نه آهي. مڃي به وٺون ته وفاقي ڪابينه جي منظوري ٿي وئي ته ان کان پهرين جي ڪارروائي غيرقانوني آهي. جنهن کان پوءِ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اپيل تي محفوظ ڪري ورتو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں