40

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ڪرم ۾ مسافر ڪوچ ۽ ڪار تي فائرنگ سبب عورت ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 4 چڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن.

ڊي پي او ڪرم محمد عمران موجب صده بازار ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ڪار تي هٿياربندن طرفان فائرنگ ڪئي وئي. هٿياربندن جي فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن.

ڊي پي او ڪرم ٻڌايو ته حملي آورن پارا چنار کان پشار ويندڙ ٻن گاڏين کي نشانو بنايو. فائرنگ سبب هڪ گاڏي جو ڊرائيور، 2 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ عورت مارجي وئي.

ڊي پي او محمد عمران ٻڌايو ته حملي آورن جي گرفتاري جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌائي ئي آهي. ياد رهي ته ضلعي ڪرم ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان مسافر گاڏين تي حملن جو سلسلو جاري آهي جن ۾ هنيئر تائين ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں