44

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ جي لهر برقرار، بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي

ڪوئٽه: ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور سميت ڪوئٽه جي جابلو علائقن زيارت ۽ قلات ۾ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو آهي. جڏهن ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آچر کان برسات ۽ برفباري جو نئون سلسلو شروع ٿي ويندو. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته برسات ۽ برفباري جي نئين سلسلي سبب نوشڪي، چاغي، تربت، گوادر ۽ ڪيچ سميت پنجگور ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪوئٽه، قلات، چمن، زيارت، قلعه عبدالله، توبه اچڪزئي ۽ ڪان مهترزئي ۾ برسات سان گڏ جابلو علائقن ۾ برفباري جو به امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب قلات ۾ پارو ڪاٽو 2 ۽ ڪوئٽه ۾ ڪاٽو هڪ ڊگري تائين ڪري پيو آهي. لاهور سميت پنجاب ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته آچر کان ڪراچي ۾ به ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي. گرمي پد 12 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ رهي سگهي ٿو.  موسميات کاتي جنوري ۾ راتيون وڌيڪ ٿڌيون رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ٿڌيون هوائون هلڻ سبب ٿڌ جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ ٿي ويندي.

پشاور ۾ ڪوهيڙي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ٿڌي ۽ خشڪ موسم سبب انلفوائنزا وائرس به متحرڪ ٿي  ويندو. ڪراچي ۽ پشاور جي اسپتالن ۾ وڌندڙ ٿڌ سبب مريضن جي رش ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں