41

اليڪشن ڪميشن چونڊ تڪن لاءِ شروعاتي پولنگ اسٽيشنن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ جي چونڊ تڪن ۾ عوام جي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن جي شروعاتي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب چونڊ تڪن جي حساب سان شروعاتي پولنگ اسٽيشنن جي لسٽ شايع ڪئي وئي آهي. شروعاتي پولنگ لسٽ تي تڪ جو ووٽر ۽ اميدوار اعتراض يا تجويز 11 جنوري تائين جمع ڪرائي سگهي ٿو. ترجمان موجب 12 کان 17 جنوري جي دوران ڊي آر اوز اهڙن اعتراضن ۽ تجويزن تي فيصلو ڏيندا.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته شروعاتي فهرستن تي داخل ڪيل اعتراضن تي فيصلن کان پوءِ پولنگ اسٽيشنن جي حتمي فهرست عام چونڊن کان 15 ڏينهن جاري ڪئي ويندي.

ياد رهي ته ملڪ ۾ 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ٿينديون. عام چونڊن لاءِ اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن مختلف سياسي پارٽين طرفان پنهنجن اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں